اسلام آباد ( م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي به گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.  پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين کي به سائفر گم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.  چيئرمين پي ٽي آءِ توشه خانه ڪيس ۾ هن وقت اٽڪ جيل ۾ ٽي سال قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي، وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي) گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي کي به گرفتار ڪيو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خلاف ايف آءِ آر 15 آگسٽ تي داخل ڪئي وئي هئي ۽ ڪيس آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سائفر گمشدگي واري ڪيس ۾ گذريل ڏينهن اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here