گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پوليس ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد هڪ ڄڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. گهوٽڪي پوليس ڪچي واري علائقي مان هڪ مغوي محمد حيات کي بازياب ڪرايو. پوليس موجب ٻٻرلوءِ مان مهينو اڳ اغوا ٿيل محمد حيات کي ڏوهارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس موجب ڏوهاري وجهه وٺي فرار ٿي ويا، کين گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.