ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ٻن ڀتي خورن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران جوابدار محمد ڪامران عرف ڪاما ۽ الله بخش رحمان قريشي عرف فوجي کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڀتي خور آهن، محمد ڪامران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو نالو استعمال ڪري ماڻهن کي ڀتي لاءِ فون ڪندو هو جڏهن ته الله بخش رحمان عرف فوجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ورين ۾ تصويرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندو هو. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.