پشاور (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشتگرد حملي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. ڊپٽي ڪمشنر ريحان گل موجب، دهشتگردن مزدورن سان ڀريل وين کي ڌماڪيدار مادي سان اڏايو جنهن جي نتيجي ۾ سوار 11 مزدور مارجي ويا. سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ 13 مزدور سوار هئا جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سرڪاري عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل جو تعلق ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مڪين ۽ وانا سان هو. ٻئي پاسي نگران وفاقي گھرو وزير سرفراز احمد بگٽيءَ اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي انساني قيمتي جانيون ضايع تيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي بيان ۾ نگران گھرو وزير چيو ته مزدورن جي گاڏيءَ تي حملو افسوسناڪ آهي، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو.