نوشهره (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز ايندڙ چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه مان تحريڪ انصاف جو صفايو ڪري ڇڏيندي. نوشهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو مغز خالي آهي، ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو قوم جي تعليم ۽ تربيت ڪري، پر تحريڪ انصاف ۾ گاريون کانسواءِ ٻيو لفظ نه ٻڌو آهي، پي ٽي آءِ جي ٻارن کي غلط رستي تي لڳايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد ۾ ويهي سڄي ملڪ کي هلائڻ چاهي ٿو، هو فوج خلاف انقلاب آڻڻ جون ڳالهيون ڪندو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here