لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پيپلز پارٽي مردم شماري جي نتيجن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، هو سياسي معاملن کي عدالتن ۾ کڻي وڃڻ جي حق ۾ نه آهن. پنهنجي بيان ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته 2017ع جي مردم شماري جا عارضي نتيجا منظور ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2017 جي مردم شماري تڪراري هئي، نئين آدمشماري جو عمل وقت تي شروع ٿيو. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مردم شماري جي نتيجن ۾ غلطين جو خدشو آهي، پ پ نتيجن تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سياسي مسئلن کي عدالتن ۾ وٺي وڃڻ جي حق ۾ ناهيون.