اسلام آباد (م ڊ)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي گهرو وزارت جي باقاعده چارج سنڀالي ورتي آهي. گهرو وزارت اچڻ تي گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ سميت ٻين عملدارن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزارت اچڻ تي نگران گهرو وزير کي سلامي پيش ڪئي وئي. سرفراز احمد بگٽي پاڪستان جو 47 هون وفاقي گهرو وزير آهي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير وزارت جي اعليٰ آفيسرن سان تعارفي ملاقات ڪئي. گهرو وزارت کي وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران گهرو وزير چيو ته سمورن شهرين جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي. جڙانوالا جو سانحو انتهائي شرمناڪ ۽ رسول پاڪ جي تعليمن جي ابتڙ آهي. هر شهري کي حق حاصل آهي ته هو پوري ملڪ ۾ بنا خوف ۽ خطري جي چرپر ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن گروهه کي تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. نگران گهرو وزير جي حڪم تي هٿيارن جا نوان لائسنس جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.