اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عام چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، جڏهن به چونڊون ٿينديون نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد ڪندي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته پوري نگران ڪابينا حلف تحت آئين ۽ قانون موجب فرض سرانجام ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي. اطلاعات واري نگران وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سندس چيف اليڪشن ڪمشنر راجا سڪندر سلطان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ کيس ملڪ ۾ آزاداڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ معاونت ۽ ضروري مقررين ۽ بدلين جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان وفاقي ڪابينا جي عزم کان آگاهه ڪيو ته جيئن آزاداڻي چونڊن جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان اطلاعات واري نگران وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته چونڊن جي ڏينهن پهريون ووٽ نگران وزيراعظم ۽ ان کانپوءِ ڪابينا جا ميمبر ووٽ وجهندا. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين موجب ملڪ کي عوام جا چونڊيل نمائندا هلائيندا جڏهن ته نگران حڪومت ايندڙ چونڊن تائين ملڪ جا معاملا هلائيندي. هن چيو ته ڪابينا ملڪ ۾ جاري معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ضايع نه ڪري. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان پيٽروليم مصنوعات وڌيڪ قيمتن تي خريد ڪري گهٽ قيمتن تي وڪرو ڪرڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڪري حڪومت شين تي سبسڊي نه ٿي ڏئي سگهي. اطلاعات واري نگران وزير چيو ته رياست اقليتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن کي به مذهب، رنگ يا ذات جي نالي تي ان کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه آهي. هن چيو ته اسلام اقليتن کي خصوصي حق ڏنا آهن، جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان 25 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي ۽ هتي رهندڙ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا انساني حق حاصل آهن. جڙانوالا واقعي تي سڀني ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا معاشري ۾ پکڙيل انتهاپسندي، تنگ نظري ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ صوفي ازم جي فروغ تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نگران وزيراعظم ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير تي پڻ زور ڏنو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته غربت ۽ مهانگائي هڪ حقيقت آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، اها به حقيقت آهي ته پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي سان مهانگائي ٿي آهي. هن ميڊيا کي يقين ڏياريو ته حڪومت قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ذميواري آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جي خلاف جاري قانوني ڪيسن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته انهن جي خلاف ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، حڪومت انهن ڪيسن ۾ ڌر نه آهي، لاڳاپيل ادارا قانون موجب پنهنجا فرص سرانجام ڏئي رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته مستقبل ۾ جڙانوالا جهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ ميڊيا ۽ تعليمي ادارن کي معاشري ۾ رواداري ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت سميت هر حڪومت جي ذميواري آهي ته اها معيشت جي استحڪام ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران ڪابينا رڳو 16 ميمبرن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ صلاحڪار ۽ خاص معاونين پڻ شامل آهن. هن چيو ته ڪابينا جي اڪثر ميمبرن پنهنجي پنهنجي شعبن جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجي قابليت جو ثبوت ڏيندا. مرتضيٰ سولنگي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سينسرشپ تي يقين نه ٿي رکي، ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. پريس ڪانفرنس ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو.