اسلام آباد (م ڊ) وفاقي بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون  ٿيون آهن، سنڌ ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽري پڻ تبديل ڪيا ويا.  ڪيترين ئي وزارتن جا سيڪريٽري تبديل ڪيا ويا آهن.  22هين گريڊ جي ڪامران علي افضل کي ڪابينا ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر  ڪيو ويو. 21هين گريڊ جي ساجد بلوچ کي اسپيشل سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن مقرر ڪيو ويو. 22هين گريڊ جي حسن ناصر جامي پاڻي معاملن وارو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. مومن آغا کي ايڊيشنل سيڪريٽري پيٽروليم واري وزارت مقرر ڪيو ويو. شهزاد خان بنگش کي سيڪريٽري هائوسنگ مقرر ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here