ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته کين مدد ڪجي ۽ آئون ڪنهن به غير آئيني يا غير قانوني عمل جو حصو نه بڻجندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن مزار قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نگران ڪابينا بابت صلاح مشورا جاري آهن، ڪجهه ماڻهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن ۽ توهان جلد اڳڀرائي ٿيندي ڏسندا. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪجهه نالا ايندا، ان کانپوءِ وڌيڪ نالا ايندا، ڪوشش ڪنداسين ته وڏي نگران ڪابينا نه هجي ۽ بهترين ماڻهن جي چونڊ ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ ٻه ٽي شيون ضروري آهن، آئين ۽ قانون جي بالادستي هوندي ته سڌار پاڻ ايندو، جيڪڏهن آئين ۽ قانون کان ٿڙياسين ته ڪجهه به بهتر نه ٿيندو. نگران وڏي وزير چونڊون ملتوي ٿيڻ بابت چيو ته اسان کي وقت کان اڳ بي بنياد خدشا پيدا ڪرڻ نه گهرجن، عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، کين سهڪار ڪرڻ اسان جو فرض آهي پر آئون ڪنهن به غير آئيني يا غير قانوني عمل جو حصو نه بڻجندس. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته مون کي اهڙو ڪوبه اشارو نه مليو آهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ احتساب جو عمل شروع ٿي رهيو آهي. احتساب مون سميت توهان جو ۽ سرڪاري آفيسرن جو پڻ ٿيڻ گهرجي پر قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ اهو رڳو انهن ادارن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جو اختيار رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته احتساب جو عمل نيڪ نيتي سان ٿيڻ گهرجي، اسان جي 76 سالن جي تاريخ ۾ ان جو فقدان رهيو آهي، اهڙيون حڪمت عمليون ڪم نه ٿيون اچن. هن چيو ته سنڌ جي علائقي راڻي پور ۾ گهريلو ڪم ڪندڙ ٻارڙي جي فوت ٿيڻ وارو واقعو افسوسناڪ ۽ شرم جوڳو آهي، ان کان علاوه جڙانوالا ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي اهو به انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، انهن کي گهڻو ڏک پهتو آهي ۽ تڪليفن ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته چرچ کي ساڙڻ ته مذمت جوڳو عمل آهي، توهان ملڪ جي بنيادن کي باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته جتي ضرورت هوندي بدليون ڪيون وينديون ۽ اليڪشن ڪميشن کي اسان کان اها اميد نه رکڻ گهرجي ته بناجواز ئي بدليون ڪيون وينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين، قانون ۽ اصولن کانسواءِ اسان تي ڪوبه دٻاءُ ناهي ۽ نه ئي ڪو سياسي دٻاءُ قبول ڪنداسين. وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته آئون اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به عمل ۾ مداخلت نه نٿو ڪري سگهان، منهنجي وس ۾ آهي ته اهڙي ڪنهن به عمل جو حصو نه بڻجان جيڪو آئين ۽ قانون موجب ناهي. ان کان پهرئين سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات درج ڪيا. آئون الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهيان جو مون کي ٿوري وقت لاءِ خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ پنهنجي وس آهر قائداعظم محمد علي جناح جي خوابن کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان.