اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 تحت سائفر معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم خلاف داخل ڪي ايف آءِ آر ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 جي شق نمبر 5 جو استعمال ڪيو هو. ذريعن موجب ايف آءِ آي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس ان نتيجي تي پهچڻ بعد داخل ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سڌي ريت ڳجهن دستاويزن جي غلط استعمال ۾ ملوث هو. سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 جي سيڪشن 5 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.