ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته جڙانوالا واقعي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، سندن مذهب ۾ مقدس هنڌن جي بيحرمتي ڪرڻ جي اجازت ناهي جيڪڏهن ڪو شخص غيرقانوني ڪم ڪري ٿو ته ڪارروائي لاءِ ادارا موجود آهن، غيرقانوني واقعي تي مقدس ڪتاب بائبل جي توهين ڪرڻ جي ڪنهن مذهب ۾ اجازت ناهي، سندن معاشري ۾ موجود ڪجهه جاهلن غلط حرڪت ڪئي آهي، پنجاب حڪومت هڪ سئو چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سينيٽر وقار مهدي ۽ سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جڙانوالا ۾ پوليس اهو ڪردار ادا نه ڪيو جيڪو ڪرڻ گهرجي ها، هن ڪيس جي جاچ ۾ پوليس جي نااهلي به ڏسڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته هي ملڪ اقليتن جو به ايترو ئي آهي جيترو سندن جو آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، هن واقعي سندن ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو ته سندن مذهب ڪنهن به طرح اهڙي واقعي جي اجازت نٿو ڏئي، هو سڄي دنيا ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا هئا ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ٿي آهي ۽ ڪجهه عنصرن سندن ڪيس کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. سعيد غني چيو ته چرچ تي حملو ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پنجاب حڪومت هڪ سئو چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here