سکر (بيورو) سکر جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن بخشل عرف بخشو مهر، بابر مهر ۽ منور مهر کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر  عدالت کان ٽنهي جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت ٽنهي جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول صحافي جان محمد مهر جي قتل جي ايف آءِ آر  ۾ 6 سڃاتل ٽن اڻڄاتل ۽ ستن سهولتڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here