ڪراچي (م ڊ) مڪاني ادارن واري کاتي اليڪشن ڪميشن جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا. مڪاني کاتي پاران پراڻين تاريخن ۾ مختلف ضلعن ۾ آفيسرن جي بدلين جو سلسلو جاري آهي. گريڊ 14 جي 42 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون. اسسٽنٽ ٽيڪسيشن آفيسر، پي آر اوز، جونيئر ٽائون آفيسر، اسسٽنٽ اسٽيٽ آفيسرز کي بدلي ڪيو ويو آهي. بدليون ٽائون ڪميٽين، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪيون ويون آهن.