اسلام آباد ( م ڊ) پيپلز پارٽي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف به اليڪشن ڪميشن جي تڪ بندين جي شيڊول کي رد ڪندي ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان تڪبندين جو شيڊول آئين جي ڀڃڪڙي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، هي شيڊول آئين جي منشا خلاف نگران حڪومت کي طول ڏيڻ جي مجرمانه ڪوشش آهي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن تڪبندين جو شيڊول جاري ڪندي چيو هو ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهن ٿيون. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ نئين آدمشماري جي بنياد تي تڪ بندين جو فيصلو ڪندي تڪ بندين لاءِ 4 مهينن جو وقت ڏنو آهي.