احمد پور (رپورٽر) احمد پور ڀرسان هڪ مهينو اڳ پرڻيل ناري کي مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ چاچڙ ۾ زاھدان خاتون ڌيءَ خير محمد چاچڙ کي سندس مڙس شفيق احمد چاچڙ پيءُ جي گهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. اطلاع تي مھيسر وڏا ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب، اطلاع آهن ته ناري جي هڪ مهينو شفيق سان شادي ٿي هئي جنهن ۾ هوءَ راضي نه هئي، پرڻي کانپوءِ ناري هڪ ڏينهن به مڙس سان گڏ نه رهي. پوليس موجب، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، فريادين جي اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو…….