اسلام آباد (م ڊ) نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشادِ اختر معاشي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سيڙپڪاري جي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري سيڪريٽري ۽ اقتصادي ٽيم جي طرفان بريفنگ ۾ نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر کي اهم معاشي اشارن جي رجحان بابت آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر شمشاد اختر معاشي عدم مساوات کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here