رياض (م ڊ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته هو شاهه سلمان جي دعوت تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. رياض ۾ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۽ ايران گڏيل مفادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته اسلامي ڀائيچاري جي بنياد تي سعودي عرب لاڳاپن جي نئين دور کي ڏسي رهيو آهي. ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا صحيح رستي تي آهن، هو سعودي عرب ايران لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو مشاهدو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪامياب رهي، ملاقات ۾ مختلف معاملن تي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.