فيصل آباد (م ڊ) جڙانوالا سانحي دوران مسجد مان اعلان ڪري عوام کي اقليتي عبادتگاهن تي حملي جي لاءِ چڙ ڏياريندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جڙانوالا ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيندڙن جي خلاف 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 37 ڄڻن کي نامزد ۽ 600 کان وڌيڪ نامعلوم ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن ڀڃ ڊاهه ڪئي، گهرن ۽ گرجا  گهرن کي باهيون ڏنيون. ڪيسن ۾ دهشتگردي ۽ مذهب جي توهين سميت 13 کان وڌيڪ قلم شامل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جڙانوالا جي مسجد ۾ اعلان ڪري ماڻهن کي چڙ ڏياريندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار ياسين کي سامهون ايندڙ وڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار مسجد جي اسپيڪر تي ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جو چئي رهيو آهي. پوليس موجب وڊيوز جي مدد سان فسادن ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري گرفتارين جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here