سکر/خيرپور/ راڻيپور (نمائندن وٽان) خيرپور جي عدالت راڻيپور جي حويلي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻائي ماريل ٻارڙِي فاطمه جي قبرڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو ايڊيشنل سيشن جج خيرپور راڻيپور جي ماجسٽريٽ کي فاطمه جي قبر ڪشائي جو آرڊر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پيرن جي حويلي مان فاطمه جو لاش هٿ اچڻ بعد وارثن بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائي ڇڏيو هو پوليس ٻارڙيءَ جي قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ عدالت کي قبرڪشائي جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي. ٻئي پاسي راڻيپور جي سول ماجسٽريٽ فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اسد شاهه عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مريد پنهنجي راضپي سان ٻارن کي ڪم ڪار لاءِ موڪليندا آهن، فاطمه تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويو، هوءَ بيمار هئي. ٻارڙيءَ جي قتل ڪيس ۾ نامزد اسد شاهه جي گهرواري گرفتار نه ٿي سگهي، ڪيس ۾ غفلت جي الزام هيٺ ايس ايڇ او راڻيپور ۽ ڊاڪٽر به گرفتار ٿيل آهن. هوڏانهن راڻيپور جي حويلي ۾ مبينا تشدد ۾ مارجي ويل ٻارڙي فاطمه جي امڙ شبانا ڦرڙو حويليءَ جي پيرن خلاف بيان ڏئي ڇڏيو. سندس فرياد تي ئي اسد شاهه ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، شبانه ڦرڙو ان کان اڳ پهرين بيان ۾ چيو هو ته منهنجي ڌيءَ تي ڪو تشدد نه ٿيو آهي. ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو پاران ملاقات ۽ انصاف جي خاطرين بعد شبانه ڦرڙو نئين بيان ۾ چيو ته منهنجي ڌيءَ کي پيرن تشدد ڪري ماريو آهي، 3 نياڻيون حويلي ۾ موجود هئڻ سبب مون پهرين غلط بيان ڏنو. خان واهڻ واسڻ شبانه ايف آءِ آر ۾ چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ اسد شاهه جي حويلي ۾ پگهار تي ڪم ڪندي هئي، اسد شاهه ۽ سندس گهر واري کيس مارڪٽ ڪندا هئا، واقعي واري ڏينهن فون ڪري چيو ويو ته تنهنجي ڌيءَ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي آهي، لاش کڻي وڃو. عورت موجب اسد شاهه حويليءَ جا سي سي ٽي وي فٽيج ٽڪرن ۾ ڏنا آهن، هن کان 24 ڪلاڪن جا سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪيا وڃن. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ نينگري فاطمه ڪيس ۾ جوابدار عورت جي 30هزار روپين عيوض ضمانت منظور ڪئي آهي.  مبينا تشدد بعد دم ڏيندڙ نينگري فاطمه واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار عورت حنا شاهه ضمانت لاءِ عدالت پهتي. عدالت حنا شاهه جي درخواست تي30 هزار روپين عيوض 7 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. جوابدار عورت جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل سنگل بئنچ ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here