اسلام آباد (م ڊ) نگران وفاقي ڪابينا جي 18 ميمبرن حلف کڻي ورتو. 18 رڪني نگران وفاقي ڪابينا جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر عارف علوي ڪابينا ميمبرن کان حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به موجود هو. ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، گهرو وزير سرفراز بگٽي، ناڻي وارو وزير شمشاد اختر ۽ بچاءَ وارو وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيد انور علي حيدر شامل آهن. نگران حڪومت ۾ قانون واري وزارت جو قلمدان احمد عرفان، سڌ سماءَ واري وزارت مرتضيٰ سولنگي، انساني حقن واري وزارت خليل خارج، قومي ورثي بابت نگران وفاقي وزير جمال شاهه، مواصلات واري وزارت جو قلمدان شاهد اشرف تارڙ کي ڏنو ويو آهي، جنهن اڄ صبح ئي ايف پي ايس جي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي. گوهر اعجاز کي ٽيڪسٽائل، نديم جان کي صحت، عمر سيف کي آءِ ٽي، محمد علي کي توانائي ۽ انيق احمد کي مذهبي معاملن وارو نگران وزير مقرر ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ سميع سعيد کي منصوبابندي ۽ ترقيات ۽ مدد علي سنڌي کي تعليم واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مرحلي ۾ ڪابينا ۾ وڌيڪ ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو.