ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي ۽ توهين عدالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي، وڏو وزير مراد علي شاهه، ميئر مرتضي وھاب، چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي عدالت آڏو پيش ٿيا. عدالت ايڊوڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته متاثرن جي بحالي ۽ متبادل رھائش بابت ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي طرفان عدالت ۾ گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2ارب رپيا متاثرن کي ڏنا ويا آهن، متاثرن لاءِ ملير ۾ اڍائي سئو ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ اڃا ٽن مهينن جو وقت آهي، عدالت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪو عدالت حڪم ڏنو آهي ته ان بابت رپورٽ ۾ ڪي به تفصيل موجود نه آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ماهوار رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت کان معذرت ڪئي وئي. متاثرن جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته متاثرن کي چئن چيڪن جي مدد سان رقم ادا ڪرڻي هئي پر اڃا تائين رڳو 2چيڪ ادا ڪيا ويا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيستائين باقي رهيل چيڪ ادا ڪيا ويندا؟ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت کي جواب ڏنو ته ايندڙ 6 ميهنن ۾ باقي رهيل چيڪ ادا ڪيا ويندا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شروعات ۾ هن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جي ذميواري وفاق جي هئي هن چيو ته وفاق 36 ارب رپين جو منصوبو به ٺاهيو هو، 2021ع ۾ وفاق يوٽرن وٺندي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اسان سپريم ڪورٽ کان بحريا ٽائون مان ملندڙ رقم ٻن منصوبن جي لاءِ گهري هئي پر سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي متاثرن جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو هو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊز جو پاڻ انتظام ڪري