اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس بهتر جاچ ۾ ٻين صوبن کان پوئتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پوليس آرڊر 2002 رد ڪرڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تازو عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورا آءِ جيز ۽ پراسيڪيوٽرز پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته ڪرائم سين جو تحفظ نه هجڻ سان شاهديون ضايع ٿي وينديون آهن، پراسيڪوشن دوران عدالتن ۾ نه قبولڻ جوڳيون شاهديون پيش ڪرڻ سان جوابدار آزاد ٿي ويندا آهن، پوليس جاچ ۾ ڪمزوريون آهن، جنهن جو جوابدارن کي فائدو ملندو آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ ڌار خاص جاچ ونگ قائم ڪئي آهي، سنڌ پوليس جو قدم ساراهه جوڳو آهي، خيبر پختونخواهه ۾ به پوليس نظام کي ڪجهه بهتر ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جاچ ۾ بهتري لاءِ اڃا اهڙا قدم ناهن کنيا، اسلام آباد ۽ پنجاب ٻين صوبن کان پوئتي آهي. ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ٽٽي چڪي آهي، نگران حڪومت کان هدايتون وٺي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي موڪلن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here