اسلام آباد ( م ڊ) پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته جڙانوالا ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نگران وزيرِ اعظم فيصل آباد ۾ ٿيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مسيحي براداري کي اعليٰ سطحي جاچ جي خاطري ڪرائي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته پوري مُلڪ جو عوام مسيحي برادري سان ورتاءُ تي ڏُکارو آهي، ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو. ٻئي پاسي فيصل آباد پوليس جڙانوالا مسجدن ۾ اعلان ڪري عوام کي چڙڏياريندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار کي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو ٻين جوابدار تائين پهچڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ هنيئر تائين سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. 37 نامزد ۽ ڇهه سئو کان وڌيڪ اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيسن ۾ دهشتگردي ٽوڙ ۽ توهينِ مذهب سميت 13 قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ رينجرز جون ٻه ڪمپنيون مختلف هنڌن تي مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته فيصل آباد ۾ ٻئي حڪم اچڻ تائين قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سوين مڇريل ماڻهن جي هجوم پنج گرجا گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ انهن کي باهيون ڏئي ڇڏيون جڏهن ته مسيحي برادري سان واسطو رکندڙ شهرين جي گهرن ۽ مقامي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس تي به حملو ڪيو ويو هو.