اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا، فيصل آباد جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو آهي ته قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ اقليتن کي هدف بڻائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته جڙانوالا، فيصل آباد مان ملندڙ خبرن تي دل انتهائي ڏکويل آهي، قانون جي خلاف ورزي ڪري اقليتن کي نشانو بڻائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پنهنجي اقليتن سان گڏ بيٺل آهي.