اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سعودي حڪومت جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل خاص طور تي سعودي عرب مان پرڏيهي سيڙپڪاري کي تيز تر ڪرڻ جو بنياد رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. سعودي سفير وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ خادم حرمين شريفين، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام پاران نيڪ خواهشون ۽ مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ م تاريخي ۽ گهرا لاڳاپا آهن. هن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سعودي حڪومت جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. هن خاص طور تي سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ جو ذڪر ڪيو ۽ سعودي حڪومت کي درخواست ڪئي ته انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم سعودي قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته سعودي عرب سدائين پاڪستان کي پنهنجي اعتماد جوڳي حصيدار طور شمار ڪري سگهي ٿو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) اڳ وانگر ڪم ڪندي رهندي ۽ خاص طور تي سعودي عرب مان پرڏيهي سيڙپڪاري کي تيز تر ڪرڻ جو بنياد رکندي. ان سلسلي ۾ هن توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت، آءِ ٽي ۽ افرادي قوت کي تعاون جي امڪاني شعبن طور اجاگر ڪيو. سعودي سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪ ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن جنهن جي خصوصيت گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ گڏيل مفاد جي سمورن ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو تعاون آهي.