اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سندس اباڻي علائقي ڪان مهترزئي جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس روايتي پڳڙي پارائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد نگران وزيراعظم کي علائقي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن جي درخواست ڪئي. وزيراعظم وفد کي علائقي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ۽ بلوچستان جي سمورن پراڻي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here