سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ بيدردي سان گوليون هڻي شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سکر پوليس جي ترجمان موجب، صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سکر پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن بخش علي عرف بخشو مهر ۽ گولو بابر پٽ بخش علي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس ترجمان موجب، جوابدارن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو ويندو .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here