سکر/خيرپور/راڻيپور (نمائندن وٽان) راڻيپور ‏۾ پيرن جي حويلي ۾ پر اسرار نموني تڙپي تڙپي فوت ٿيل معصوم نينگري فاطمه جو قتل ڪيس پير اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه تي داخل ڪيو ويو جڏهن ته اسد شاهه، ايس ايڇ او راڻيپور ۽ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نينگري فاطمه جي ماءُ شبانا جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ پير اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه کي نامزد ڪيو ويو. فريادڻ شبانه ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته  ڌيءُ پير اسد شاهه جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، کين اطلاع ڏنو ويو ته فاطمه بيماري سبب فوت ٿي آهي. فريادڻ شبانه ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته ڌيءُ کي پير اسد ۽ سندس زال حنا شاهه تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، ڌيءُ جي جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سکر  جاويد جسڪاڻيءَ جي حڪم تي ايس ايڇ او راڻيپور امير چانگ کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نينگريءَ واري معاملي تي غلط بياني ڪندڙ ڊاڪٽر کي به حراست ۾ ورتو آهي……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here