واشنگٽن (م ڊ) امريڪا جڙانوالا ۾ چرچ ۽ مسيحي برادري تي حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گرجا گهرن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته امريڪا پر امن اظهار جي آزادي ۽ هر هڪ لاءِ مذهب ۽ عقيدي جي آزادي جي حق جي ڳالهه ڪندو آهي. ويدانت پٽيل وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عملدار واقعي جي مڪمل جاچ ڪن ۽ تشدد ۾ ملوث ڌريون پرامن رهن. واضع رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ توهين مذهب جي مبينا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسى نگري ۾ 4 گرجا گهرن، مسيحي برادري جي گهرن ۽ ملڪيتن کي باهه ڏني هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here