ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جو نائب امير مولانا دلاور حسين سعيدي جيل ۾ فوت ٿي ويو. خبر ايجنسي موجب آچر جي ڏينھن 83 ورھين جو مولانا دلاور حسين کي جيل ۾ دل جو پيو  تھ کيس ڍاڪا جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گذريل ڏينھن ڍاڪا جي اسپتال ۾ مولانا دلاور حسين علاج دوران دم ڏنو. جماعت اسلامي جي نائب امير جي جنازي نماز فيروزپور ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. دلاور حسين سعيدي کي قيد ۾ فوت ٿيڻ تي ڍاڪا سميت بنگلاديش جي مختلف شھرن ۾ ھزاري ماڻھن روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت خلاف شديد احتجاج ڪيو. واضح رھي تھ مولانا دلاور حسين کي جون 2010 ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، مٿس جنگي ڏوھن جي ٽربيونل 2013ع ۾ موت جي سزا ٻڌائي ھئي پر سپريم ڪورٽ سندس موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي ھئي ……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here