اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي بدلين بابت نوٽيفڪيشن مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن هڪ نوٽيفڪيشن ۾ بدلين تي پابندي لڳي وئي، ٻئي ۾ انتظامي عملدارن جي بدلي جو حڪم ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو ته سي پي او، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي تبديل ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته ڪمشنرن، ڊي سيز ۽ اي سيز سميت سموري مشينري تبديل ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وئي آهي.