اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا گهٽ نٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سان گڏ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ملاقات ڪري باجوڙ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ باجوڙ ڌماڪي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا گهٽائي نٿا سگهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي روڪٿام ۽ امن امان لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. مولانا فضل الرحمان، انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.