سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ قتل ڪيل سينئر صحافي جان محمد مهر جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ سرڪار واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. مقتول جان محمد مهر جي وڏي ڀاءُ جي فرياد تي سکر ٿاڻي تي شيرل مهر، منور مهر سميت 9 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ ڇهن ڄڻن جا نالا ۽ ٽن کي اڻڄاتل طور نامزد ڪيو ويو. شيرل مهر، منور مهر، بخش علي عرف بخشو، بابر، محسن، جمال الدين، قربان مهر، سهيل مهر ۽ ٻين کي جوابدار طور ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو. ٻئي پاسي سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ سرڪار جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. سنڌ جي گھرو کاتي طرفان جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سکر جي سربراهي ۾ قائم جي آءِ ٽي ۾ ڳجهن ادارن ۽ رينجرز جا آفيسر به شامل آهن. جي آءِ ٽي کي صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جاچ ڪري ٽيهن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي……